وزيراعظم پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي


APP44-13 ISLAMABAD: May 13 – Prime Minister Imran Khan chairs a high level meeting regarding pension funds. APP

اسلام آباد – 13 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهو فيصلو وزيراعظم جي صدارت ۾ پاڪستان پوسٽ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي بجيٽ خرچن جو اٽڪل 34 سيڪڙو حصو پينشن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ ترتيبوار اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي ملائيشيا جي پينشن ماڊل کي نظر ۾ رکندي پاڪستان پوسٽ پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، پاڪستان پينشن فنڊ قائم ڪرڻ جو مقصد حڪومت تي پوندڙ پينشن جي بار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ ملازمن جي پينشن جي معاملن جو بهتر انتظام يقيني بڻائڻ آهي.

مضمون کا ماخذ : کڑک

متعلقہ مضامین