عوامي مفاد ۾ قانون سازي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون: بئريسٽر فروغ نسيم


APP02-19 ISLAMABAD: April 19 - Federal Minister for Law and Justice Mohammad Farogh Naseem & Parliamentary Secretary for Law Barrister Maleeka Ali Bukhari jointly addressing a press conference at PID Media Center. APP photo by APP Photo by Saeed-ul-Mulk

اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون ۽ انصاف واري وزارت گذريل 20 مهينن دوران 60649 مان اٽڪل 99 سيڪڙو ڪيس اڪلايا آهن. عوامي مفاد ۾ قانون سازي تي ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. وزارت گذريل ڏينهن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري هنگامي بنيادن تي ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ خلاف آرڊيننس بڻايا ته جيئن ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ عاوم لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهجن. ذخيره اندوزي ڪندڙن خلاف آرڊيننس تي عمل درآمد شروع ٿي چڪو آهي. انسداد اسمگلنگ آرڊيننس اڱاري تائين جاري ڪيو ويندو. صنعتن ۽ اوورسيز پاڪستانين بابت قانون سازي تي مشاورت جاري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون ۽انصاف بابت پارلياماني سيڪريٽري بيرسٽر مليڪه بخاري ۽ قانون ۽ انصاف واري سيڪريٽري مشيع الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria

متعلقہ مضامین